مرتضيٰ سيال

مرتضيٰ سيال

مرتضيٰ سيال

مرتضيٰ سيال : اديب، شاعر، ڪالم نگار ۽ صحافي مرتضيٰ سيال جو پورو نالو غلام مرتضيٰ ولد در محمد سيال آهي. هن 29 جون 1965ع تي هالاڻي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم هالاڻيءَ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين ۽ مئٽرڪ 1980ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالاڻيءَ مان ڪيائين. گرئجوئيشن کانپوءِ، ايم. اي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان، فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. مرتضيٰ سيال لکڻ جي شروعات 1978ع کان ٻاراڻي ادب سان ڪئي. سندس تحريرون روزاني هلال پاڪستان، عبرت، آفتاب، گل ڦل، رابيل، گلن جهڙا ٻارڙا، لالي رسالن ۽ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. هن ڪهاڻيون ۽ ڪالم به لکيا آهن ۽ شاعري به ڪئي آهي. مرتضيٰ سيال عملي زندگيءَ جي شروعات 1992ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پبلڪ رليشنس آفيسر طور ڪئي، 2000ع ۾ ايڊيشنل ڪنٽرولر امتحانات ٿيو. ان کان سواءِ ايڊمنسٽريٽوِ آفيسر، ڊپٽي ڪنٽرولر، ايڊيشنل رجسٽرار ۽ ڪجهه وقت لاءِ رجسٽرار جي عهدي تي به رهي چڪو آهي. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي پريس مئنيجر طور ذميواريون سنڀالي رهيو آهي. مرتضيٰ سيال 1989ع ۾ عبرت مئگزن جي ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر ۽ 1990ع ۾ انچارج ايڊيٽر ۽ 2000ع کان اپريل 2012ع تائين اعزازي ايڊيٽر جون ذميواريون به نڀايون آهن. مرتضيٰ سيال شاگرديءَ واري زماني ۾ وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان لاڳاپيل رهيو ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. ان کان سواءِ پروگريسو يوٿ آرگنائيزيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان به سندس پراڻي وابستگي رهي آهي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن جي چونڊ ڪميٽيءَ جو ڪيترا ڀيرا ميمبر ۽ چيئرمئن رهي چڪو آهي. سنڌ يونيورسٽي فورم ۽ سنڌ يونيورسٽي آفيسرس ايسوسيئيشن جو ميمبر آهي. کيس ادبي ۽ صحافتي خدمتن تي ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ اجرڪ آرٽ اوارڊ (90-1989ع)، اي. پي. اين. ايس اوارڊ (06-2005ع) وغيره شامل آهن. سندس چونڊ ڪالمن ۽ انٽرويوئن جا ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن. مرتضيٰ سيال ماهوار ’سائنس‘ ڄام شوري جو فني صلاحڪار، ’صحت ۽ ماحول‘ رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ٻارن جي رسالي ’انڊلٺ‘ جي صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر، ماهوار هزار داستان جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به رهي چڪو آهي.


لفظ مرتضيٰ سيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.06.29  عيسوي

اديب، شاعر، ڪالم نگار ۽ صحافي مرتضيٰ سيال جو پورو نالو غلام مرتضيٰ ولد در محمد سيال آهي. هن 29 جون 1965ع تي هالاڻي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احسانه ڊار
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
غلام محمد بلو
لڇمڻ ڀنڀاڻي
امير علي چانڊيو
احمد سلطان کوسو
گل محمد شاهه بخاري
چندو لال جئسنگهاڻي
ولي رام ولڀ
عالم سجاولي پير
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون